سنڌ : جي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا خلاف نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي

سنڌ : جي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا خلاف نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب مختلف کاتن ۽ فنانشل ادارن کان صوبائي وزير جي فرنٽ مين ۽ هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيب حسن علي شريف ۽ وحيد شيخ کي جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس موجب ادارن کي موجود شاهديون ۽ تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب مڪيش چاولا جي فرنٽ مين حسن شريف، ايڪسائيڊ اينڊ ٽيڪنيشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر وحيد شيخ جي حوالي سان به تفصيل طلب ڪري ورتا آهن نب طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حسن شريف ۽ وحيد شيخ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جون شاهديون ملي ويون آهن. جاچ نيب جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ گڏيل جاچ نيب ٽيم ڪري رهي آهي. ذريعن موجب خوراڪ کاتي ۽ ايڪسائيز ينڊ ٽيڪنيشن ۾ اربين روپين جي مبينه ڪرپشن ٿي آهي وحيد شيخ مڪيش ڪمار چاولا جي دور ۾ ايڪسائيز کاتي جو ڊائريڪٽر هو، کيس ڊي جي نارڪو ٽيڪس ۽ ٻيون اضافي ذميواريون به مليل هيون نيب 17 آگسٽ تي هڪ نوٽيس جاري ڪندي ٻنهي عملدارن کي گذريل ڏينهن طلب ڪيو هو. نيب جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز کاتي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا ويا.