149

خيرپور:شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اسٽوڊنٽ سوسائٽيز جي زير اهتمام ميلاد النبي حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اسٽوڊنٽ سوسائٽيز جي زير اهتمام ميلاد النبي حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. محفل ميلاد کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته اسان جي پياري نبي سڳوري جي سيرت پوري ڪائنات لاءِ نمونه عمل آهي ڇاڪاڻ پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات ۽ فلسفو آفاقي آهي. آخري خطبي جي موقعي تي حضور صلعم انساني حقن جي فروغ، بنيادي آزادي، عوام جي حقن جي تحفظ، امن، ڀائيچاري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جو پيغام ڏنو. وقت جي گهرج اها آهي ته اسان پنهنجي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏيکاريل رستي تي هلون ته جيئن اسان هڪ پرامن ۽ روادار معاشرو قائم ڪري سگهون ۽ انسانيت جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪري سگهون. پروفيسر ڊاڪٽر سجاد علي رئيسي ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ اسٽڊيز ڪليدي خطاب ڪندي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي روشني وڌي وئي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان شريعت تي عمل ڪريون ته غريب عوام لاءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين ۽ انصاف جي بالادستي قائم ٿيندي. هن روايتي عرب سماج جا مثال ڏنا، جتي اڻ پڙهيل ۽ جنگجو ڪلچر غالب هو. اسان جي پياري نبي صلي الله عليه وسلم جي جدوجهد کان پوءِ عرب معاشرو تبديل ٿيو.ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري مهمانن ۽ ميلاد شريف ۾ ڀليڪار پيش ڪيو.. هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ اسان جي پياري پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي خاص تعريف ۽ ثنا ٿيل آهي. هن چيو ته اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي صبر ۽ تحمل هن ڪائنات ۾ بي مثال آهي. هن يونيورسٽي ۾ هم نصابي ۽ صحتمند سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ تي وائيس چانسلر جي سرپرستي کي ساراهيو. ميلاد ۾ مختلف شعبن جي شاگردن اقرا، زينب، عظمي دراني، فروا چنا، سنبل، محمد اسامه، عاطف، ڪليم الله، مزمل، صائمه، سعديه، شازيه، اويس ميمڻ، معصومه جوگي ۽ ٻين تقريرون، حمد ۽ نعتون پيش ڪيون. علي رضا لاشاري شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وائيس چانسلر کي مختلف اسٽوڊنٽ سوسائٽيز جي ڪم بابت آگاهه ڪيو. ميلاد ۾ پروفيسر ڊاڪٽر خالده مهر، پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر مسيح الله جتوئي، ڊاڪٽر شمروز بانو سهتو، ڊاڪٽر عنايت الله ڀٽي، محمد حسن شيخ، اعجاز احمد شيخ، شمائله رباب رضوي، باسط لانگاه، ڪامران بهڻ، تهذيب چانڊيو، ديپ راجپوت، استادن، آفيسرن، ملازمن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو