وسي عٗمر ڊھو جو چئرمين عوامي شڪايتن تي, اسٽاف ۽ شھري ساڻ ڪري سرحد شھر جو دورو ڪيو, شھرين دڪاندارن سان ملاقاتون ڪيون.

يوسي عمر ڊھو چئرمين نورحسن ملڪ شھرين جي شڪايتن جو نوٽس وٺندي, آفيس اسٽاف يوسي سيڪريٽري دلبر مهر, ڪلارڪ وزير لکڻ, ڪلارڪ تنوير مهر ۽ شھري سماجي اڳواڻ ثناءالله سومرو, چودري شمشاد پنهنوار, فهيم ملڪ, اشرف ملڪ ۽ ٻيا ساڻ ڪري شاهي بازار, محمد شاھ روڊ ۽ ٻين جاين جو دورو ڪري شھرين سان ملاقاتون ڪري دڪاندارن جي ٿيل غيرقانوني دڪن جي خلاف دڪاندارن کي 2ڏينهن جي وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 2ڏينهن اندر دڪن کي ڊاهي پٽ نه ڪيو ويو ته يوسي انتظاميا دڪن کي ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي جنهن ۾ گهاٽي واڌي جو زميوار اهي دڪاندار پاڻ هوندا جڏهن ته دڪاندارن کي غير قانوني دڪن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاء 15ڏينهن پهريان به وارننگ ڏني وئي هئي, يوسي چئرمين نورحسن ملڪ جو چوڻ هو ته شھرين پاران صفائي سٿرائي ۽ ٻين مسئلن بابت مليل شڪايتن جو نوٽس ورتو آھي ۽ شھرين سان ملاقاتون ڪري عملي کي مسئلن کي جلد از جلد حل ڪرڻ لاء پٗڻ حٗڪم ڏنو آھي ۽ دڪاندار شھر ۾ نيڪالي نالين مٿان دڪا ٺاهي ويٺل آھي جيڪي سوئيپرن کي نالين جي صفائي ۽ کاٽي لاء پريشاني جو سبب بڻيل آھن ان ڪري انهن خلاف به جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو