خدشو آهي ته بجلي جي بلن خلاف احتجاج وڳوڙن ۾ تبديل نه ٿي وڃي: ايم ڪيو ايم پاڪستان

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته بجلي جي بلن خلاف احتجاج وڳوڙن ۾ تبديل نه ٿي وڃي. حڪومت کي گهرجي ته عوام کي فوري طور تي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان ڳالهين جو واعدو ڪيو هو ۽ ان تي عمل ڪندا رهنداسين سرڪلر ڊيٽ جو دٻاءُ ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪن تي نه صارفين تي پئجي رهيو آهي عوام جي لاءِ فوري ريليف جا قدم کڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي خالد مقبول صديقي چيو ته حيدرآباد ۾ 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ايتري ڊگهي لوڊشيڊنگ جي باوجود بجلي جا بل ساڳيا اچي رهيا آهن جنهن سبب واپاري احتجاج تي مجبور ٿي رهيا آهن اسان اڳ به ايوانن ۾ ساڳيون ڳالهيون ڪيون هيون هن وقت به اهي ڳالهيون ڪنداسين خالد مقبول صديقي چيو ته گردشي قرض حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي سبب آهن گردشي قرض وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تڪرار جو نتيجو آهي ملڪ ۾ معاشي بحران کان وڌيڪ نيٽ جو بحران آهي ڪراچي ۾ جهڙي طرح ڏوهه وڌي رهيا آهن ان سان سنگين خطرا وڌي سگهن ٿا ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن خدشو آهي ته بجلي جي واڌو بلن خلاف احتجاج وڳوڙن ۾ تبديل نه ٿي وڃي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي خالد مقبول صديقي وڌيڪ چيو ته اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي نئين تڪبندين جي بجاءِ پراڻين تڪبندين تي زور ڏئي رهيا آهن نئين آدمشماري کان پوءِ ڪروڙين ووٽرز شامل ٿيا آهن ڪوبه آئين اها اجازت نٿو ڏئي ته نئين آدمشماري کان پوءِ نيون تڪبنديون نه ٿين جيڪڏهن تڪ بندين لاءِ هفتن ۽ مهينن جو وقت لڳي رهيو آهي ته اهو خساري جو سودو نه آهي اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ اڻڌريو ڪيو وڃي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن چيو ته اسان وٽ ته اعتراضن جو به حق نه هو پيپلز پارٽي سي سي آءِ ۾ اعتراض ڪري سگهي ٿي، اهڙو ڇا 10 کان 15 ڏينهن ۾ ٿيو جو پيپلز پارٽي ايترو وڏو يو ٽرن ورتو آهي. جيڪي ماڻهو جمهوريت جي خلاف آهن انهن کي پريشان ڪنداسين انهن جون ٽنگون ڏڪڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن نئين آدمشماري ڪرائي وئي جنهن کي سڀني قبول ڪيو