خانه بدوش ھفتيوار ادبي ويھڪ ۾ “طارق اشرف اديب، ھڪ ايڊيٽر” جي موضوع تي گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ڊاڪٽر خليل قاضي ۽ ڊاڪٽر حسين مسرت سندن ڪم ۽ حياتي جي حوالي سان تفصيلي گفتگو ڪئي امر سنڌو پنھنجي تعارفي ريمارڪس ۾ چيو ته طارق اشرف ھڪ دور جو نالو آھي اھو دور جڏھن سنڌي ادب ترقي پسند، روشن خيالي واري جنگ ۾ شريڪ ھو ان وقت سھڻي رسالي ان دور جي زبان بڻجي پيو. دور ھن وقت به ساڳيو آھي جڏھن امرجليل جي ڪھاڻي اروڙ جي مست جي ضرورت آھي، ھي به ساڳيو دور آھي جتي سرد لاش جو سفر جي ضرورت آھي جتي نسيم کرل جي پوليس نظام تي تنقيد چوٽيھون در ۽ ڪافر جھڙي ڪھاڻي جي ضرورت آھي پر ھن وقت سھڻي ڪونھي، اھا ترقي پسند، روشن خيال سنڌ به نه رھي آھي ھن وقت سماج، ادب ۽ سياست جي سگنم جي ضرورت آھي جنھن سان وري روشن خيالي جي تحريڪ جو آغاز ٿي سگھي ڊاڪٽر خليل قاضي، طارق اشرف سان ڪافي وقت سندس ڏکين حالتن ۾ گڏ رھيو ۽ کيس ويجھي کان ڏٺو ان پنھنجي پيپر ۾ چيو ته طارق اشرف نه صرف اعليٰ ايڊيٽر ھو پر ھن پنھنجي سھڻي رسالي جي ايڊيٽرشپ ھيٺ اعلي ادب سنڌي ادب کي ڏنو ھي سنگ تراش ھو جن ان گھڙيل پٿرن کي ھيرن جيان تراشيو ۽ پيش ڪيو سندس چوڻ ھو ته سنجيده مرڪ رکندڙ انتھائي سادگي سان جيئندڙ طارق اشرف ان دور ۾ اھڙو ادب ڇاپيو جنھن جي سنڌ کي ضرورت ھئي ادب ۾ سھڻي ادب جي معيار جي اھا اعلي منزل ھئي جنھن ۾ ڇپجڻ ھڪ اعزاز ھون ائين طارق اشرف به ھڪ ڪلاس ھو، سندس سھڻي به ھڪ ڪلاس جو نالو ھو ھن سندس جيل ۾ گھاريل ڏينھن کي ياد ڪندي چيو ته ھڪ دفعو ھو ڀٽي جي دور م جيل ويو پر ٻيو دور ضياءَ وارو ھو ھن رڳو ايڊيٽر شپ نه سنڀالي پر ان دور ۾ سندس ڪھاڻيون، ناول، خط، جيل ڊائري ۽ طويل افسانو پڻ ڇپيا ھن چيو ته سھڻي پريس دراصل ھن وڏي ھمت سان قائم ڪئي جتي ھڪ شخص ھڪ اداري جيان ٿي ڪم ڪيو جنھن ۾ مالڪ به پاڻ ھو ته ڪم ڪندڙ به پاڻ ھو ته پٽيوالو به پاڻ ھو. ڊاڪٽر قاضي جو چوڻ ھو ته جڏھن پاڻ جيل ويو تڏھن سنڌ دوست سياستدانن مان فاضل راھو سندس گھر جي خرچ پکي جو خيال رکي سندس ماءُ کي آٿت پيو ڏيندو ھو پر ساڳئي وقت پليجي صاحب سان گڏجي ادب ۽ ثقافت بچايو ڪاميٽي به ٺھي وئي جن گرفتار ٿيل اديبن جي پرگھور ٿي لڌي سندس چوڻ ھو ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ وحيد ڪٽپر سان ڪاميٽي جي ڊائلاگ ۾ انھن طارق اشرف جي شموليت کي مشروط ڪيو.ائين اديبن ۽ ان وقت جي سياسي قيادت جي وچ ۾ ڪو ويڇو نه ھو ڊاڪٽر حسين مسرت طارق اشرف جي سھڻي رسالي ۽ سندس ايڊيٽرشپ واري دور تي ڳالھائيندي چيو تہ سھڻي رسالي جي خاص خوبي ۽ خوبصورتي اھا آھي تـ ھو پنھنچي پڙھندڙن کي پنھجي سماج سان ڳنڍي پئي ھليو طارق جا ايڊيٽوريل ھجن يا ان ـوقت ليکڪن جون ڪھاڻيون ھجن سڀني ۾ عجيب ڳانڍاپو ٿو نظر اچي ـسنڌ جا معاملا ويساھ گھاتيون سياسي سماجي تحرڪون سھڻي رسالي ۾ ھر رنگ موجود ھو طارق ممتاز ڀٽي جي حڪومت ۾ سنڌ اندر مڪمل طور تي سنڌي ٻولي مروج ڪرڻ لاء ڀرپورآواز اٿاريو وري جڏھين ڊفينس آف پاڪستان رول جي تحت گرفتاريون ٿيون ان وقت طارق جو قلم جدوجھد جي پھرين صف ۾ نظر آيو آدمشماري ۾ نا انصافي ٿي جنهن ۾ هو حڪومت کي ننديندو رهيو سھڻي صرف رسالو نہ ھو پر تحريڪ ھو جنھن قوم کي جاڳايو پئي پر جھڙي طرح روح رھاڻ رسالو ايوب جي آمريت ۾ بند ٿيو ساڳي ريت سھڻي تي پابندي وڌي وئي پروگرام ۾ زيب سنڌي پنھنجون يادگيريون شيئر ڪندي چيو ته سندس سڳند پبليڪيشن جا ڪتاب سھڻي پريس تان ڇپيا سندس طارق اشرف سان گھاٽو تعلق ھو طارق اشرف جو ڪتاب ھٿين ھٿ ڪڙول جيڪو جيل مان پنھنجي ھمسفر ڏي لکيل خطن جو مجموعو آھي اھو زيب سنڌي چواڻي ته اھي خط ھو ھر ھفتي جي ملاقات ۾ جيل جي ڄاري مان لنگهائي کيس طارق اشرف ڏيندو ھو جيڪي ھو سندس گھر واري کي پھچائيندھو جيڪي پوء هٿو ھٿ ڪڙول جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيا ويا پروگرام م غلام نبي سومري جو چوڻ ھو ته طارق اشرف سندسن پھرين ڪھاڻي ڇاپي ھن سندس عمر بجاءِ تخليق کي اھميت ڏني ھن طارق اشرف جي نفاست ۽ کيس پاتل لارنس پور جي پوشاڪ جو ذڪر به ڪيو نصير مرزا پڻ پنھنجي ساروڻيون ساريندي چيو ته ھو سندس والده کان واقف ھو سندسن گھر م اچڻ وڃڻ جو ء سندس والده حيدرآباد جي لکنو جي ارد وڳالھائيندڙ پر ھن سنڌ جي رنگ م رچيل عورت ھئي ھن طارق کي خراج پيش ڪندي سندس ڪھاڻي بازي پڙھي ٻڌائي داڪٽر رياضت ٻرڙي پڻ سندس ذڪر ڪندي چيو ته رسالي تي سھڻي جو نالو به ھڪ بغاوت جي علامت ھئي جيئن سج تي پنھنجي سماج جي رائج رواجن جي خلاف بيٺي ائين سھڻي پنھنجو مختلف مزاحمتي رنگ کڻي آئي پروگرام م شريڪ ٿيندڙن ۾ مٿي ذڪر ڪيل نالن کان علاوہ اڪبر سومرو، ڊاڪٽر امداد چانديو، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، داڪٽر حميد سومرو، داڪٽر سومار مڱريو، مبين مڱريو، محمود مغل، صولت حسين گاد، چانديو عماد فدائي،عبداللہ سيٺار، قاضي نسيم پارس، زاھده ابڙو، سجاد چانگ، سلطان ميمڻ، اياز ابڙو ، ايڊوڪيٽ نثار چانڊيو، کيپال بنارام، ڪامران جتوئي، يوسف رستماڻي، رافعه بنگش، شاذجبين، دريا خان پيرزادو، آفتاب احمد ڀٽو، نصير مرزا، غلام نبي سومرو، عبدالقيوم سروھي، گلشير ڪوريجو، ڪز بانو آصف، مبين احمد چنا، راجا الطاف، سرمد سيال، علي عيسيٰ، زاھده ڏاھري، نويد احمد شامل ھئا