سنڌ: ۾ پ پ حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي۔ سنڌ جي عوام کي ھن حڪومت نه عدل ڏنو نه ايمان نه بيروزگاري ختم ڪري

سنڌ : ۾ پ پ حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي۔ سنڌ جي عوام کي ھن حڪومت نه عدل ڏنو نه ايمان نه بيروزگاري ختم ڪري نوجوانن کي روزگار ڏنو۔ اھڙو اظھار نائب امير پاڪستان جماعت اسلامي مولانه معراج الھدا غوثپور ۾ جماعت اسلامي طرفان ڪوٺايل ھڪ تقريب ۾ مھمان خاص طور تقرير ڪندي چيو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جا پيرا سنڌ جي سي ايم ھائوس تائين وڃن ٿا۔ اسان وٽ پارٽي ۾ موروثي سياست ناھي ھوندي جيڪو اھل ھوندو اڳواڻي ڪندو۔ جڙانواله واقعو ھجي يا راڻيپور ۾ معصوم فاطمه جو بي رحمانه قتل ھجي جماعت اسلامي ھر ھنڌ موجود ھجي ٿي ۽ اسانجو اڳواڻ مولانه سراج الحق ھر بحران ۽ ڏک سک ۾ ھن ملڪ جي مظلوم عوام سان گڏ رھيو آ۔ ھڪ سوال جي پڇيل جواب ۾ ھن چيو ته ڪشمور ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي ستايل عوام سان گڏ آھيون ۽ ٽيھين تاريخ مولانه سراج الحق جي قيادت ۾ ڌاڙيل ڪلچر خلاف وڏي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويندو“ ھن چيو ته نگران حڪومت پنھنجي آئيني ڪردار مطابق صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪري نه ته ملڪ شديد بحران جي ور چڙھي ويندو