عمران خان کي جيل ۾ ڏنل سهولتن بابت سرڪاري رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اٽارني جنرل پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ ڏنل سهوليتن بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اٽارني جنرل پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي جيل ۾ ڏنل سهوليتن بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اٽارني جنرل چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي چيمبر ۾ مهر لڳل رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي ذريعن موجب جسٽس مظاهر ۽ جسٽس مندوخيل جي چيمبرز ۾ به پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ ڏنل سهوليتن بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي. سپريم ڪورٽ 24 آگسٽ تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ سهوليتن بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو ان کان اڳ سامهون ايندڙ خبرن ۾ ٻڌايو ويو هو ته عمران خان کي جيل جي 1-2 بيرڪ تبديل ڪري هاڻ بيرڪ نمبر 3 الاٽ ڪئي وئي آهي جڏهن ته کيس جيل مينوئل کان هٽي ڪري کاڌو ملڻ لڳو آهي. صبح سوير پي ٽي آءِ چيئرمين کي بيرڪ مان نڪري جيل احاطي ۾ واڪ جي به اجازت آهي ذريعن ٻڌايو ته عمران خان کي جيل مينوئل کان هٽي ڪري ساڍا 11 وڳي ناشتو ملڻ لڳو آهي ۽ کيس روزاني جي بنياد تي فروٽ به ڏنو پيو وڃي 22 آگسٽ تي جيل کاتي جي ترجمان واضح ڪيو هو ته عمران خان کي جيل قانون موجب سموريون سهولتون ڏنيون ويون آهن جنهن ۾ نئون باٿ روم به ٺهرايو ويو آهي جنهن جون ڀتون 5 فٽ ڊگهيون آهن ايڊيشل سيشن جج جي اٽڪ جيل جي دوري واري رپورٽ تي رد عمل ڏيندي جيل کاتي جي ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪمري ۾ نئون واش روم ٺاهيو ويو آهي جنهن جون ڀتون 5 فٽ ڊگهيون آهن جڏهن ته نئون دروازو به لڳايو ويو آهي. واش روم ۾ ويسٽرن ڪموڊ ۽ واش بيسن به لڳايو ويو آهي ترجمان موجب عمران خان لاءِ ٺاهيل باٿ روم ۾ باٿ سوپ، پرفيوم، ايئر فريشنر، ٽوال ۽ ٽشو پيپر به موجود آهن. ڪمري ۾ بيڊ، وهاڻو، ميئرس، ميز، ڪرسي، ايئر ڪولر، ايگزاسٽ فين به موجود آهي. جڏهن ته فروٽ، ماکي، کجيون، مصلحو، انگريزي ترجمي ۾ قرآن شريف ۽ ڪتابون به ڏنيون ويون آهن.