ناروروال ۾ رشتي جي تڪرار تان هڪ ئي خاندان جي 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي پوليس موجب واقعو نارووال جي علائقي صديق پوره ۾ پيش آيو جنهن ۾ رشتي جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ هڪ ئي خاندان کي فائرنگ جو نشانو بنايو ويو پوليس موجب فائرنگ سبب هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ پيءُ، پٽ ۽ ڌيءَ شامل آهن. پوليس موجب مقتولن جي لاشن کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.