ناروروال ۾ رشتي جي تڪرار تان هڪ ئي خاندان جي 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي

اهم يورپي ملڪن پاڪستان کي آگاهه ڪيو آهي ته چونڊن ۾ دير جا سنگين نتيجا سامهون ايندا جنهن ۾ امڪاني طور تي لاڳاپن ۾ گهٽتائي به شامل آهي فارتي ذريعن جو چيو آهي ته آمريڪا ۽ يورپي يونين پاڪستان ۾ چونڊن جي حوالي سان اڳڀرائي تي گهري نظر رکي آهي، اهي ملڪ هميشه جمهوريت جي وڪالت ڪندا رهيا آهن ۽ سمجهن ٿا ته چونڊون ڪرائڻ ڪنهن به ترقي پسند جمهوري معاشري جو نچوڙ آهي يورپي ملڪن ۾ اهي امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته پاڪستان ۾ چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي جنهن سبب موجوده نگران سيٽ اپ مقرر وقت کان اڳيان وڃي سگهي ٿو سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته تڪ بندين ۽ ڪجهه ٽيڪنڪي معاملن سبب ڪجهه مهينن جي دير برداشت ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن چونڊون فيبروري کان به دير جو شڪار ٿيون ته ان جا سنگين نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا هڪ سفارتي ذريعي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ چونڊون فيبروري کان اڳيان دير جو شڪار ٿيون ته اسان جي لاءِ پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن جي ساڳئي سطح برقرار رکڻ انتهائي مشڪل ٿي ويندو.