ڪنڌڪوٽ :بڊاڻي مان 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگر آديش ڪمار بازياب ٿي گهر پهچي ويو بڊاڻي مياڻي پوليس پاران نينگر کي مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي بڊاڻي ايس ايڇ او عبدالحفيظ چاچڙ جو چوڻ آهي ته گنڍير جي ڪچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪندي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو ڏوهاري مغوي نينگر کي ڇڏي ڪچي طرف فرار ٿي ويا علائقي ۾ چوٻول آھن ته مغوي نينگر جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ڀنگ عيوض ٿي آهي واضعي رهي ته نامعلوم هٿياربندن 25 ڏينهن اڳ ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڊاڪٽر لجپت راء کي زخمي ڪرڻ بعد نينگر آديش ڪمار کي اغوا ڪري کڻي ويا هيا هئا