ڪنڌڪوٽ غوثپور ويجهو ڳوٺ غلام قادر شيخ ۾ ٽي ڏينھن اڳ پراسرار نموني فوت ٿي ويل عورت مسمات ممتاز شيخ جي قتل ڪيس مڙس ۽ ڏيرن سوڌو پنج ڄڻن تي داخل

ڪنڌڪوٽ غوثپور ويجهو ڳوٺ غلام قادر شيخ ۾ ٽي ڏينھن اڳ پراسرار نموني فوت ٿي ويل عورت مسمات ممتاز شيخ جي قتل ڪيس مڙس ۽ ڏيرن سوڌو پنج ڄڻن تي داخل منير احمد شيخ جي فرياد تي غوثپور ٿاڻي ڪرائم نمبر 48 ۽ قلم 302 تحت داخل ڪيو ويو آهي۔ پوليس پاران ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن منجهان ٻن ڄڻن امداد ۽ سبحان الله شيخ کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي۔ پراسرار نموني فوت ٿي ويل عورت مائي ممتاز خاتون جي قتل ڪيس ۾ سندس انعام شيخ ۔امداد شيخ فوتي عورت جي مڙس مڙس نظير شيخ سميت پنج ڄڻن کي شامل ڪيو ويو آهي۔ فرياد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مسمات ممتاز شيخ کي پنهنجي مڙس نظير شيخ ڀائرن سان گڏجي رات جي پهر ۾ گهٽا ڏيئي قتل ڪيو هو

پنھنجي راءِ لکو