توشه خانه ڪيس: عمران خان جي سزا معطل ٿيندي يا نه؟ فيصلو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويندو

توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ٿيندي يانه؟ فيصلو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويندو گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطلي واري درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطلي جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل بينچ جي آڏو ٻڌڻي ڪئي. چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جو وڪيل لطيف کوسو ۽ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.