اسلام آباد :جي احتساب عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي توشه خانه جي تحفن جي نيلامي واري ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت 5 لک روپين جي مچلڪن عيوض بشريٰ بي بي جي 12 سيپٽمبر تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي بشريٰ بي بي عدالت آڏو پيش ٿي حاضري لڳائي. احساب عدالت جي جج محمد بشير جي موڪل تي هجڻ سبب ڊيوٽي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته بشريٰ بي بي صحيح ڪري ورتي آهي ته کيس عدالتي ڪمري مان روانو ڪيو وڃي شريٰ بي بي جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات لاءِ جيل وئي ته جيل جي آفيسر پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل اندر کاڌو ڏيڻ لاءِ 10 هزار روپيه گهريا. جيل جي آفيسر چيو ته 10 هزار روپيه ڏيندا ته قيديءَ کي جيل اندر توهان جي مرضيءَ جو کاڌو ملندو. بعد ۾ جيل آفيسر بشريٰ بي بي تي رشوت ڏيڻ جا الزام هنيا اڄوڪي ٻڌڻي ۾ بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيل لطيف کوسو ۽ انتظار پنجوتهه سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي جتي عدالت سندس 12 سيپٽمبر تائين ضمانت منظور ڪري ورتي.