فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ مک جوابدار پير اسد شاھ ۽ مقتول فاطمه ڦرڙو جي ماءُ شبانا راڻيپور جوڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ وڪيلن جي پينل سميت پيش ٿيا. عدالت جوابدار اسد شاهه کي وڌيڪ ھڪ ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو فاطمه قتل ڪيس ۾ ڊسپينسر امتياز ميراثي کي به نامزد ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ جوابدارن جو انگ 4 ٿي ويو جنھن ۾ مُک جوابدار اسد شاھ، حنا شاھ، پير فياض شاھ ۽ امتياز ميراثي شامل آهن. پوليس حنا شاهه کي فرار ڪرائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ڊرائيور اعجاز خاصخيلي تي سهولتڪاري جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ٻڌڻي کان پوءِ ايڊووڪيٽ نٽار احمد ڀنڀرو ۽ ايڊووڪيٽ بختاور شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس وڌيڪ ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آھن جنھن ۾ ڊرائيور امتياز ميراثي کي فاطمه ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آھي جڏهن ته اسد شاھ جي ڊرائيور اعجاز قاضي مٿان سهولتڪاري جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس ھن وقت تائين فائينل چالان پيش نه ڪيو آھي جڏھن ته ڪيس جي آء او ايف آء آر ۾ اي ٽي سي جا قلم شامل ڪرڻ جي عدالت کي استدعا پڻ ڪئي آھي