ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ڪراچي جي بجلي جو ڪيس نگران حڪومت آڏو رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي جي بجلي جو ڪيس نگران حڪومت آڏو رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان اضافي بلن، لوڊشيڊنگ جو معاملو عوامي احتجاج اعليٰ سطح تي اٿاريو ويندو.اي ڊي اين نيوز موجب ايم ڪيو ايم ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي اڄ صبح اسلام آباد ۾ توانائي واري وفاقي وزير محمد علي سان ملاقات ڪندو، ايم ڪيو ايم ذريعن موجب خالد مقبول صديقي بجلي جي بلن ۾ واڌ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي بدمعاشي خلاف وفاقي وزير کي احتجاج ڪندو. ڪراچي جي شهرين جو سڀ کان وڏو مسئلو بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ هيري بلن جو مسئلو آهي، ايم ڪيو ايم جي عوام سان گڏ احتجاج جو روڊ ميپ پڻ نگران حڪومت جي وزير آڏو رکيو ويندو.