سون 500 رپيا مهانگو، تولو 2 لک 33 هزار 500 رپيا ٿي ويو

ملڪ ۾اڄ به في تولي سون جي قيمت ۾ واڌ ٿي آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 500 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 33 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي اهڙي ريت 10 گرام سون 429 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 189 رپين جو ٿي ويو آهي هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 2 ڊالر وڌڻ سان 1917 ڊالر في اونس آهي