سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ ٿي عمران خان جي ليگل ٽيم ۾ شامل سلمان صفدر، احمد مسرار ۽ انتظار پنجهوته اٽڪ جيل ۾ موجود هئا سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل جي اندر ٻڌڻي جو نوٽيفڪيشن گذريل ڏينهن قانون واري وزارت جاري ڪيو هو قانون واري وزارت موجب سائفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ گهرو وزارت سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو هو. پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي واري فيصلي کي رد ڪندي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي کلي عدالت ۾ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي. ذريعن موجب ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر اٽڪ جيل ۾ پيش ٿيا جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت جي سامهون آندو ويو ۽ حاضري لڳائي وئي ذريعن ٻڌايو آهي ته عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت جي درخواست داخل ڪندي ضمانت منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي ذريعن موجب عمران خان جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جو ڪيس بڻجي ئي نٿو وڪيلن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان سياسي انتقام وٺڻ لاءِ سائفر ڪيس ٺاهيو ويو ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر ۽ پي ٽي آءِ وڪيلن ضمانت واري درخواست تي دليل ڏنا عدالت حاضري لڳائڻ کان پوءِ عمران خان جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي