پشاور: عوامي نيشنل پارٽي جي صدر اسفنديار ولي چيو آهي ته جيڪي اسيمبلي نٿا وڃڻ چاهين اهي چونڊن ۾ حصو ڇو وٺي رهيا آهن، عمران خان گهر ۾ ويهي آرام ڪري چارسده م صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسفنديار ولي چيو ته پهريان کان اهو طئي ٿيل هو ته چونڊن جي ڏينهن نڪرندس. بيماري سبب فعال ڪردار ادا نه ڪري سگهيس ضمني چونڊن ۾ عوام کي پنهنجو نمائندو چونڊ ڪرڻو هوندو آهي. هن عمران خان کي مشورو ڏنو ته عمران خان کي اسيمبلي ناهي وڃڻو ته پوءِ کيس گهر ويهي آرام ڪرڻ گهرجي اسفنديار ولي چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ نه گهلڻ گهرجي،
