53

خيرپور: شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙي دوران مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو

خيرپور ۾ گذريل ڏينهن ڪارنهن تڪرار تان شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب زخمي ٿيل سپريئر سائنس ڪاليج جو پٽيوالو گل بيگ شيخ زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي چار ٿي ويو آهي ٻئي پاسي واقعي ۾ قتل ٿي ويل سپريئر سائنس ڪاليج جي شاگرد شاهزيب شيخ ۽ پٽيوالي گل بيگ شيخ جي قتل خلاف سپريئر سائنس ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن طرفان ڪاليج سامهون پراڻي قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي مظاهرين ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ياد رهي ته خيرپور ۾ گذريل ڏينهن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪيهر شيخ ۾ سڱاوتي تڪرار تان شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا محمد نواز شيخ، اڏيل شيخ ۽ شاگرد شاهزيب شيخ مارجي ويا هئا جڏهن ته حسن رضا، گل بيگ سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي اسپتال ۾ دم ڏيندڙ زخمي گل بيگ شيخ سائنس ڪاليج خيرپور جو پٽيوالو هو، سندس قتل خلاف شاگردن ۽ استادن قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران مظاهرين طرفان قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو