حليم عادل شيخ گرفتاري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ سامهون اچي ويو آهي هن 9 مئي سانحي ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي الزام خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي حليم عادل شيخ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت تي آهيان حيدرآباد جي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪي چڪي آهي حيدرآباد جي عدالت مان به گرفتاري جا وارنٽ معطل ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته اسان کي ته اچڻو هو. عدالتن کان ڪڏهن به پري نه ٿيا آهيون هن وقت جيڪو پاڪستان ۾ مون سان ڏيڍ سال دوران ٿيو اهو پ پ مون 5 سالن ۾ ڪيو آهي. ان جي باوجود مان عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو آهيان ۽ ڪيسن کي به منهن ڏنو آهي حليم عادل شيخ چيو ته پيپلز پارٽي ويندي ڪنهن ٻئي جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ چاهي ٿي، هاڻ اسان عدالتن ۾ اچي ويا آهيون. ملڪ جو محب وطن اڳواڻ اڄ پنهنجي قوم جي لاءِ جيل ۾ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڀڄڻ چاهيون ها ته ڀڄي به سگهياسين ٿي ڪيترائي ماڻهو لنڊن ڀڄي ويند پر عمران خان قوم جي لاءِ اڊيالا جيل ۾ پيل آهي