ڪنڌڪوٽ: جماعت اسلامي جو امير مولانا سراج الحق اڄ ڪنڌڪوٽ پهچندو.

ڪنڌڪوٽ: جماعت اسلامي جو امير مولانا سراج الحق اڄ ڪنڌڪوٽ پهچندو ڪارڪنن پنهنجي قائد جي استقبال لاءِ پنڊال کي سجايو سراج الحق به بدامني تي جماعت اسلامي پاران سڏايل ريلي ۾ شرڪت ڪندو سراج الحق ٽاور چوڪ تي ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو جماعت اسلامي جي امير جي آمد تي ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ گڏ ٿيڻ شروع جماعت اسلامي جا ڪارڪن ۽ عهديدار پنهنجي قائد جي استقبال لاءِ ٽاور چوڪ پهچڻ شروع ٿي ويا سراج الحق جي آمد تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جون خطاب سنڌ ۾ اغوا ۽ ڦرلٽ جا واقعا معمول بڻيل آهن، حڪمرانن تائين عوام جون دانهون نه ٿيون ٿين اغوا ڪندڙ سرڪاري سرپرستي ۾ آهن هر طرف خاموشي ڇانيل آهي، جماعت اسلامي بدامني خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت پاران معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪيو ويو آهي اغوا ٿيلن جي وارثن کان لکين رپيا ڀنگ وٺڻ بعد علائقي جي سياستدانن ۽ پوليس اهلڪارن اغوا ڪندڙن کي بازياب نه ڪيو، جنهن تي اغوا ڪندڙن وحشياڻي تشدد جون وڊيوز به اغوا ڪندڙن جي وارثن کي موڪلي ڇڏيون 02 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ شٽر بند هڙتال، احتجاج ڪير نه ڪندو، هو آءِ ايم ايف جو ساٿاري آهي انڌي ۽ گونگي حڪومت اوهان جي دانهون نه ٻڌي، روڊ رستا ويران، ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ ناهي مان جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، تنهنجي خاطر جان ڏئي ڇڏيندس ڌرڻي جو سڏ ڏئي حڪمرانن جي آفيسن جو گهيرو ڪيو حڪومت جا ڳلا مروڙي اوهان کي اوهان جو حق ڏيارينداسين جماعت اسلامي بجلي ۽ بلن ۾ واڌ خلاف سپريم ڪورٽ ويندي مفت کائيندڙ جي بجلي بند ڪئي وڃي بجلي جي بلن ذريعي پاڪستانين کي ڦريو پيو وڃي ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ به مائرون ۽ ڀينرون بجلي جا بل بچائڻ لاءِ چانور وڪڻڻ تي مجبور آهن. هي بجلي جو بل نه پر ڊرون حملو ۽ خودڪش حملو آهي هي ڪو بل ناهي مستقبل ۾ حڪومت 90 رپيا في يونٽ چارج ڪرڻ واري آهي