ٺڪراٺو : کي باء پاس ڏنو سي ٺڪراٺو جي ڊرينيج سسٽم جي اسڪيم 6 ڏينھن ۾ مڪمل ڪئي پوء ڪڏهن اوهان صحافين منهنجي تعريف ڪئي ٺڪراٺو ۾ صحافين پاران پڇيل سوالن تي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاھ جا صافين کي ڏوراپا
ٺڪراٺو ۾ اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ ڳالھائيندي چيو آھي ته منھنجي پھرين توجه تعليم تي آھي اسڪولن ۾ بلڪل مسئلا آھن پر نوان استاد برٿي ڪيا آھن اھي جلد حل ڪيا ويندا اڳوڻي وفاقي وزير چيو آھي ته يوسي مبارڪپور ۾ پنج ڪروڙن جو پيور بلاڪ جو ڪم ھلي رھيو آھي ڍنڍي کان ٺڪراٺو ۽ تلين کان روپھر جي روڊ جو ڪم جاري آھي جيڪو جلد مڪمل ٿيندو خورشيد احمد شاھ چيو آھي ته ٺڪراٺو ۾ ھڪ اسڪول ٺھرائيندس جيڪو آ۽ بي اي کي ڏيندس ان ۾ غريبن جا 600 ٻار مفت تعليم حاصل ڪندا ھُن چيو آھي ته ٺڪراٺو جي ڊرينيج سسٽم جي اسڪيم 6 ڏينھن ۾ مڪمل ڪئي ڇا اتي ماڻھن اسانجي تعريف ڪئي سيد خورشيد احمد شاھ پ پ اڳواڻ رئيس امام بخش مھتم سان والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ دوران چيو ته پني عاقل ۽ روھڙي تعلقي مان 2 آر ايڇ سي سينٽر ڏنا آھن جيڪي جلد ٿي ويندا ان کانپو۽ 2 ٻيا بي ايڇ يو سينٽر آر ايڇ سي سينٽر لا۽ ڏينداسين ان موقعي تي سيد خورشيد احمد شاھ شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ھلندڙ روڊن جي ڪم جو معائنو پڻ ڪيو آھي.