سکر جي مختلف ادارن ۾ احتساب جو عمل شروع نگران حڪومت پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ اوپاء وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو

سکر جي مختلف ادارن ۾ احتساب جو عمل شروع نگران حڪومت پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ اوپاء وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ عوام کي گذريل 15 سالن کان مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پيو، سنده جي وڏو تين نمبر شهر سکر کي سوتيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي سکر سول اسپتال ۾ ڪوئي والي وارث ڪوني جنهن ڪري اسپتال انتظاميا ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جا پڪا ثبوت هجڻ باوجود ڪنهن کي خدائي خوف نظر نه ٿو اچي ۽ اسپتال اندر ڪرپشن انتهائي عروج تي پهتل هجڻ ڪري پري پري کان ايندڙ مريضن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ کان مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر نويد احمد پٺاڻ گذريل ڪئي مهينن کان اسپتال جو محال خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي رٽائرڊ منٽ ٿيڻ کان اڱ هڪ هفتي کان موڪل ڪري هليو ويو آهي اسپتال شديد مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ڪئي سالن کان اسپتال سنڀال لاءِ اسٽاف انتهائي مشڪلاتن ۾ پئجي رهي آهي داخل مريضن کي صفائي ستهرائي وغيره، بجلي نه هجڻ، سرڪاري دوائون نه ملڻ،جنرلٽ بند ۽ ڪجهه جنرلٽ ڊاڪٽرن جي گهرن ۾ بجلي بحال ۽ مريض گرمي ۽ حبس ۾ تڙپندا رهن ٿا مگر انهن اسپتال انتظاميا کي انسانيت نٿي نظر اچي پاڻ کي مرڻو ناهي،سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ يا آندري وارا وارڊن جا حال انتهائي خراب نظر اچي ٿي ۽ عوام کي علاج لاءِ مريض اچن ٿا ورثاء پنهنجا لاش ڪلهن تي کڻي وڃن ٿا. سکر جي سول سوسائٽي جي ماڻهن ڪئي مرتبو اسپتال جي ايم ايس خلاف احتجاج مظاهره ڪندي اچن ٿا مگر انتظاميا کي ڪجهه به نه اثرائتي ٿئي ٿو، هن سرڪاري اسپتال بجائي قصائي گهر ٿي ويو آهي پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ڊاڪٽرن پنهنجي پروائيوٽ جي ڪيلنڪن ۾ ڏينهن رات تائين پيسا ڪمائڻ لاءِ مصروف نظر ايندا آهن انهن مسحا لاءِ احتساب ڪيو وڃين ته غريب ماڻهو کي مفت ۾ علاج و مولج ٿي سگهجي ۽ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي