مهانگي بجلي جي خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال، احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته جماعت اسلامي طرفان ڇنڇر 2 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي بجلي جي اضافي بلن خلاف ڪراچي ۾ واپارين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين طرفان احتجاج دوران بجلي جي بلن کي باهيون ڏئي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي جڏهن ته لاهور جي واپارين 2 سيپٽمبر تي هڙتال جو اعلان ڪيو آهي مظفر آباد ۾ اڄ ڦيٿاروڪ هڙتال سبب شهر ۾ ڪاروباري مرڪز، پيٽرول پمپ ۽ نجي تعليمي ادارا بند آهن پشاور ۾ واپارين طرفان بجلي جي بلن خلاف اڄ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي. شهر جون مختلف مارڪيٽون بند هجڻ سبب شهر ويراني جو ڏيک ڏئي رهيو آهي واپارين چيو آهي ته بجلي جا مهانگا بل ۽ وڌندڙ مهانگائي هاڻ برداشت جهڙي نه آهي حڪومت فوري طور تي اشرافيه جي مفت بجلي ختم ڪري مهانگائي خلاف خيبرپختونخواهه بار ڪائونسل به هڙتال جو اعلان ڪندي اڄ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو آهي بار ڪائونسل چيو آهي ته صوبي جي عدالتن ۾ اڄ وڪيل پيش نه ٿيندا بار ڪائونسل پيٽروليم شين، بجلي ۽ گيس جي بلن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو ته عوام کي بنيادي ۽ آئيني حق کان محروم ڪيو پيو وڃي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف سکر ۾ به شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي جنهن سبب شهر جون ننڍيون وڏيون مارڪيٽون بند رهيون