تحريڪ انصاف : جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي دهشتگردي جي انت واري عدالت مان ضمانت ملڻ کان پوءِ هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس حليم عادل شيخ کي گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران گرفتار ڪيو هو جنهن کان پوءِ کيس اڄ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پوليس 9 مئي بابت ڪيس ۾ حليم عادل جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوضمانت ملڻ کان پوءِ عدالت مان نڪرندي ئي پريڊي ٿاڻي جي پوليس حليم عادل شيخ کي هڪ نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب حليم عادل شيخ خلاف گذريل ڏينهن پريڊي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ پوليس تي حملي جا قلم شامل آهن پوليس موجب ڪيس جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن حليم عادل شيخ جي گرفتاري دوران پوليس تي لٺين ۽ ڏنڊن سان حملو ڪيو هو