سکر ۾ بجلي، گئس، پيٽرول ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف واپاري تنظيمن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. جنهن سبب ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو واپاري اڳواڻن سول نافرماني جو اعلان ڪري ڇڏيو ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي، بجلي، گئس، پيٽرول ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف واپاري برادري جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي شھر جي صرافه بازار، شھيد گنج، اناج مارڪيٽ، غريب آباد، ڪپڙا مارڪيٽ سميت ٻين بازارن ۾ ڪاروبار بند رهيو سکر چيمبر آف ڪامرس جي صدر بلال وقار خان، واپاري اڳواڻ حاجي جاويد ميمڻ، حاجي هارون ميمڻ, عامر علي خان غوري، ملڪ محمد اويس ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪانفرنس ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪومت جي غلط ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري ملڪ جو عوام عذاب ڀوڳي رهيو آهي هنن چيو ته بجلي، گئس، پيٽرول ۽ عام شين جا اگهه ايترا ته وڌي ويا آھن جو عام ماڻھو پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويو آهي هنن چيو ته حڪومت بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري طبقي کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي سرڪاري آفيسرن کي مفت بجلي ڏني پئي وڃي جڏهن ته ڏھاڙيدار طبقي کان بجلي جا بل وصول ڪيا پيا وڃن جيڪا سراسر نا انصافي آهي هنن چيو ته جيڪڏهن بجلي، گئس، پيٽرول ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه واپس نه ورتا ويا ته اسين سول نا فرماني جي تحريڪ جي شروعات ڪنداسين جنهن جي ذميواري حڪومت مٿان هوندي