محراب پور جي سوشل ورڪر محمد اسماعيل نوناري جو علي علي چوڪ کان وٺي غلام حيدر چوڪ تائين مھانگائي خلاف احتجاج

محراب پور جي سوشل ورڪر محمد اسماعيل نوناري جو علي علي چوڪ کان وٺي غلام حيدر چوڪ تائين مھانگائي خلاف احتجاج سوشل ورڪر محمد اسماعيل نوناري وڌندڙ مھانگائي، گئس بجلي جي وڌندڙ بلن خلاف پيري ۽ پٺي اگھاڙي روزمرھ جي استعمال ٿيندڙ شيون سميت بجلي ۽ گئس جا ميٽر کڻي پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي ريلي ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ ولايت حسين نوناري، سچل ڪميونٽي جي صدر غلام اڪبر خواجہ، سول سوسائٽي سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مظاھرين چيو تہ غريب عوام مھانگائي جي پسجي ويو آھي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن