خيرپور : شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شھيد بينظير ڀٽو چيئر ۾ آمريڪن قونصليٽ ڪراچي ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽ ايجوڪيشن فائونڊيشن

خيرپور :شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شھيد بينظير ڀٽو چيئر ۾ آمريڪن قونصليٽ ڪراچي ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاڪستان پاران يو ايس ايڪسينج آؤٽ ريچ پروگرام تي ھڪ آگاھي سيشن منعقد ٿيو. سيشن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽين جي وچ ۾ بھتر تعليمي رابطا ۽ نيٽ ورڪنگ استادن ۽ شاگردن لاءِ اھميت جوڳو آھن. ھن چيو ته يونيورسٽين جي ترقي لاءِ ھن قسم جا پروگرام ڪليدي حيثيت رکن ٿا. وائيس چانسلر انڊر گريجوئيٽ شاگردن ۽ استادن لاءِ آمريڪا ۾ تعليمي پروگرام پيش ڪرڻ تي آمريڪي قونصليٽ ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر نويد احمد شيخ فوڪل پرسن ايڪسينج پروگرام انڊر گريجوئيٽ پروگرام جي اھميت تي روشني وڌي. آمريڪي قونصليٽ جي بلال رضوي، يونائيٽيڊ اسٽيٽ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاڪستان جي فل برائيٽ پروگرام جي شيزا طور ۽ عمر بشير انڊر گريجوئيٽ پروگرام بابت ڄاڻ ڏني. ھن چيو ته ھي پروگرام آمريڪي يونيورسٽين ۾ ھڪ سيميسٽر ۽ پنج ھفتن تي مشتمل آھي. پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليم راھپوثو ڊائريڪٽر شھيد بينظير ڀٽو چيئر شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر ثمينه راڄپر، ڊاڪٽر شائسته پٺاڻ، ڊاڪٽر ماجد ڦل، علي نواز سومرو، عمير، اسلم، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.