ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا، مکي جگديش ڪمار، ساگر ڪمار، جيديپ ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ سميت ٻين جي وارثن پاران ڊيرا موڙ لڳ سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان سرحد تي ڌرڻو. مغوين جي بازيابي لاءِ پنچائت، سک برادري، سول سوسائٽي، سياسي، سماجي، تنظيمن ۽ شهرين پاران ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، وارثن جو چوڻ آهي ته ٽي مهينا گذري ويا پر پوليس اسان جي پيارن کي بازياب نه ڪرائي سگهي، ڪشمور جا ماڻهو دربدريءَ جي ور چڙهي ويا آهن حڪومت کي گهرجي ته ڪچي مان چورن جي خاتمي لاءِ ڀرپور آپريشن ڪري، جيستائين اسان جا پيارا يرغمال بازياب نه ٿيندا تيستائين ڪاروبار بند رهندو، چورن جي خوف سبب ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿيو آهي