ٺڪراٺو : ويجھو اقليتي برادري جي گڏجاڻي ڪيترائي عھديدار شريڪ 40 غريب گھراڻن ۾ سياري جا ڪمبل ۽ ڪپڙا تقسيم ڪيا ويا

ٺڪراٺو :ويجھو اقليتي برادري جي گڏجاڻي ڪيترائي عھديدار شريڪ 40 غريب گھراڻن ۾ سياري جا ڪمبل ۽ ڪپڙا تقسيم ڪيا ويا آيلن جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو ويو اقليتي برادري کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لا۽ برادري جون گڏجاڻيون ڪوٺائي سندن مسئلا معلوم ڪري رھيا آھيون اقليتي کي پنھنجا حق نٿا ڏنا وڃن ھر موڙ تي برادري جي ماڻھن سان گڏ آھيون اميت ڪمار ۽ ٻين جو گڏجاڻي کي خطاب ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ ڊرگھ ڀٽ ۾ اقليتي برادري جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي گڏجاڻي جي صدارت نون چونڊيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر اميت ڪمار ڪئي ان موقعي تي منتخب ٿيل اقليتي ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو ويو جنھن ۾ مختلف ڳوٺن جي اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن اميت ڪمار مکي بابو ھرداس دريانو مل سيٺ مٺو ملتان جي سگنو رام درشن لال ارجن داس مکي شنڪر لال ۽ ٻين گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اقليتي برادري جي ماڻھن کي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ سميت سندن مسئلا معلوم ڪرڻ لا۽ مختلف ھنڌن تي اقليتين جون گڏجاڻيون ڪوٺائي رھيا آھن ته جيئن سندن مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪري سگھون ھنن چيو ته اسانجي اقليتي برادري جٿي به ويٺل آھي اتي ساڻن ڪي نه ڪي مسئلا درپيش آھن اقليتي ڳوٺن توڙي پاڙن کي چونڊيل نمائندا نظرانداز ڪري رھيا آھن جتي ڪي به بنيادي سھولتون نه ڏنيون ويون آھن اقليتين جا ڪيترائي علائقا روڊن رستن سميت ٻين بنيادي سھولتن کان وانجھيل آھن جيڪا سراسر ناجائزي آھي ھنن چيو ته اسان پنھنجي برادري جا مسئلا ايوانن تائين پھچائي کين ڪوٽا تحت نوڪريون ۽ ٻيون سھولتون وٺي ڏيارينداسين گڏجاڻي کانپو۽ اميت ڪمار ملتان جي سميت ٻين ميمبرن اتي موجود 40 کان وڌيڪ خاندانن ۾ ڪمبل ۽ ڪپڙا تقسيم ڪيا.