تفصيل موجب ضلعي ڪشمور م اغوا جو سلسلو نه روڪيو وڌيڪ ٻھ ڄڻا اغوا ٿي ويا ظھير احمد خالطي عيد گاھ محلي کان گم وارثن پاران اغوا جو شڪ وارثن جو موقف آهي ته اسان پنهنجي ڇوڪري ڏي فون ڪيوسين ته ظھير خالطي چيو ته مون کي ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري وڃي رھيا آهن ء ھٿياربندن موبائيل فون کسي بند ڪري ڇڏي آهي ظھير احمد خالطي بڊاڻي جو رھواسي آهي جڏهن ته گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي ٻئي طرف عاطف حسين ڊومڪي پڻ گم آهي ۽ ان جو موبائيل نمبر به بند آهي عاطف حسين ڊومڪي خالطي برادري جي نوجوان ظھير احمد خالطي سان گڏ آهي اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نوجوانن کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا آهن