راڻا ثناءُ الله 1.4 ملين ٽن کنڊ اسمگل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سمگلرز ڊالر ڪمايا

پاڪستان: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ تاج حيدر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزير راڻا ثناءُ الله 1.4 ملين ٽن کنڊ اسمگل ڪري ڊالر ڪمايا، هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته نويد قمر 25 لک ٽن کنڊ اسمگل ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان هن چيو ته 25 لک ٽن کنڊ اسمگل ڪرڻ جي اجازت ڏني کنڊ برآمد ڪرڻ جو مقصد ڊار صاحب لاءِ پرڏيهي مٽاسٽا حاصل ڪرڻ هو هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزير راڻا ثناءُ الله 14 لک ٽن کنڊ اسمگل ڪرڻ جي اجازت ڏني، اسمگلرن کنڊ اسمگل ڪري ڊالر ڪمايا، احسن اقبال صورتحال جو ذميوار نويد قمر کي قرار ڏنو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي واپار واري وزير نويد قمر جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪا به وزارت کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي، اسان کي ميرٽ تي ڏسڻو آهي ته کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو درست هو يا نه هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جو ڪافي مقدار موجود آهي، ذخيره اندوزي ڪندڙ ڪمند جو قبضو ڪري رهيا آهن، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ سبب کنڊ جا اگهه وڌي ويا آهن نويد قمر چيو ته سڀ کان وڌيڪ اسمگلنگ ايراني سرحد تي ٿيندي آهي، ڪمند جي ڪرشنگ نومبر ۾ ٿيندي. صوبائي حڪومتون ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائي ڪن ياد رهي ته ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهه ٻولهه ۾ کنڊ برآمد ڪرڻ جي ذميواري اڳوڻي واپار واري وزير نويد قمر تي وجهي ڇڏي هئي هن چيو ته کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت واپار واري وزارت نويد قمر ڏني هئي. اڳوڻي حڪومت اتحادي حڪومت هئي ان ڪري مسلم ليگ ن معاملي جي سموري ذميواري قبول نٿي ڪري سگهي احسن اقبال چيو ته ملڪ مان اسمگلنگ، ڪارٽيلائيزيشن ۽ مافيا کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي