هڪ هفتو گذري ويو آهي پر حڪومتي اهلڪارن لاهور جي پنجن ٻارڙن جي سڙي وڃڻ جو به نوٽيس ناهي ورتو

لاهور :جي علائقي ڪوٽ لکپت جي ڳوٺ ٽهٽ ۾ گهر جي ڇت تان گذرندڙ واپڊا جي مين تارن مان سڙي فوت ٿيل 5 ٻارڙن مان ٻن ٻارن جي حالت انتهائي نازڪ آهي، ڊاڪٽرن موجب ٻنهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ٻارن کي بچائڻ لاءسڙي ويل ٻار جو پيءُ مزدوري ڪري ٿو ۽ ماءُ گهر ۾ ڪم ڪري ٿي واپڊا جي مين لائين تان ٿيل ڌماڪي کانپوءِ هن سڄي سانحي کي هڪ هفتو گذري ويو آهي، نه ئي ڪنهن به حڪومتي عملدار واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ نه ئي ڪو اعليٰ عملدار واقعي واري هنڌ جو دورو ڪرڻ لاءِ پهتو، هن واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو