ڊبل سينچري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ به کنڊ قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري، وڌيڪ مهانگي

ملڪ جي ڪيئي شهرن ۾ ڊبل سينچري کانپوءِ به کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ في ڪلو کنڊ تي 15 رپيا وڌيا، اڄ وري 15 رُپيا واڌيا ويا، جنهن کانپوءِ في ڪلو کنڊ جي ٻه سئو ويهه رُپين تائين وڃي پهتي آهي چئن ڏينهن دوران کنڊ جي قيمت 40 رپيا وڌي چڪي آهي، جڏهن ته چمن ۾ في ڪلو کنڊ 230 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي ڪراچي ۾ به في ڪلو کنڊ جي قيمت 200 جڏهن ته لاهور جي اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ 176 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، پر ننڍن دڪانن ۽ بازارن ۾ کنڊ گم ٿي وئي آهي
سرگوڌا ۾ ٽن ڏينهن دوران کنڊ جي قيمت ۾ في ڪلو 35 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ هڪ ڪلو کنڊي 185 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي