ڪشمور : مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر منير احمد نائچ بڊاڻي لڳ اغوا ٿي ويل مُکي جڳديش ڪمار ۽ سندس پوٽو جئديپ ڪمار بازياب ٿي ويا

ڪشمور : مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر منير احمد نائچ بڊاڻي لڳ اغوا ٿي ويل مُکي جڳديش ڪمار ۽ سندس پوٽو جئديپ ڪمار بازياب ٿي ويا
ڪشمور ۾ گذريل 4 ڏينهن کان وٺي ڌرڻي سبب مغوين جي بازيابي ممڪن ٿي ياد رهي ته ڌرڻي ۾ ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ پهتو هو اُن 24 گهنٽن جي محلت ورتي هئي پر وارثن پاران ڌرڻو ختم ڪونھ ڪيو ويو وارثن جو چوڻ هو ته اسان کي سڀ جا سڀ مغوي هتي روڊ تي ملن ڪجھ گهنٽا بعد ايس ايس پي امجد شيخ 3 مغوي منير نائچ مُکي جڳديش ڪمار ۽ سندس پوٽو جئديپ ڪمار مزاري هائوس کڻي آيو جٿي وارثن حوالي ڪيا ويا ڌرڻو هن وقت به جاري آهي ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن جو چوڻ آهي جيسيتائين سڀ مغوي بازياب نه ٿيندي اسان ويٺا رهندا سي جڏھن ته ڌرڻي ۾ صنعان قريشي سيد زين شاھ ٻين پارٽين سان وابسته اڳواڻ پڻ اغوا ٿي ويلن مغوين جي وارثن سان هن وقت به روڊ تي ويٺا آهن