اسلام آباد : جي شهرين لاءِ خراب خبر، ميٽرو بس جي ڀاڙن ۾ واڌ

شهرين لاءِ خراب خبر، ميٽرو بس جا ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن ميڊيا رپورٽن موجب اسلام آباد ۾ بليو، گرين ۽ اورينج لائن ميٽرو بس سروس جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي سي ڊي اي ٽنهي ميٽرو بسن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. گرين ۽ بليو لائين بسن جو ڀاڙو 30 رپين مان وڌائي 50 رپيا، اين 5 کان اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ڀاڙو 50 رپين مان وڌائي 90 رپيا ڪيو ويو آهي ڀاڙن ۾ واڌ نوٽيفڪيشن بعد عمل ۾ آندي ويندي. سي ڊي اي بورڊ جي اجلاس ۾ ڀاڙن ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي، اجلاس ۾ ئي ڀاڙن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو. چيئرمين سي ڊي اي ڪيپٽن رٽائرڊ انوارالحق موجب رعايتي قيمتن تي بسون هلائڻ لاءِ پئسا ناهن، ڀاڙن ۾ اضافو ناگزير آهي ياد رهي ته گذريل ڏينهن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ريلوي به ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو اضافو ڪيو هو سمورين ميل ايڪسپريس، مسافرن ۽ انٽر سٽي ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ريلوي انتظاميا پارسل ۽ سامان جي اگهن ۾ به 5 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. ريلوي انتظاميا ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. ريلوي جي ڀاڙن ۾ هڪ مهيني ۾ ٻيو ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي، ريلوي انتظاميا 16 آگسٽ تي به مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي هئي جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي آل پاڪستان ٽرانسپورٽ اونرز فيڊريشن جي ترجمان ايڇ ايم جهانگير جو چوڻ هو ته هو ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جي تناسب سان ڀاڙن ۾ واڌ تي مجبور آهن. جڏهن ته نگران حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 91 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 44 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي هئي.