ڪراچي : جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو ڪراچي پوليس طرفان پوليس موبائيل کي باهه ڏيڻ جي ڪيس ۾ هڪ ڏينهن جو ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي حليم عادل شيخ کي سخت سيڪيورٽي ۾ اي ٽي سي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ٻڌڻي دوران عدالي جاچ آفيسر کان ڪيس جو چالان طلب ڪيو پوليس عدالت کي ٻڌايو ته حليم عادل ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف مبينه ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي. پوليس جي جاچ آفيسر عدالت کان حليم عادل شيخ جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪندي حليم عادل شيخ کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو عدالت ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهين دوران حليم عادل چيو ته پي ڊي ايم نگران حڪومت کي به مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي. نگران حڪومت ڊالر پڪڙي ٿي ته کنڊ هٿ مان نڪري ٿي وڃي. هن چيو ته اسيمبلي فلور تي چيو هو ته ڪچي جا ڌاڙيل عوام لاءِ عذاب بڻجندا. جيستائين پڪي جا ڌاڙيل گرفتار نه ٿيندا ڪچي جي ڌاڙيلن جون گرفتاريون ممڪن نه آهن ان موقعي تي حليم عادل پنهنجي خلاف داخل ڪيسن کي سياسي قرار ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته گذريل هفتي حليم عادل شيخ کي 9 مئي جي ڪيسن ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو پر پوليس کيس عدالت ٻاهران ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.