پرويز الاهي کي پيش نه ڪرڻ تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظهار، چيف ڪمشنر اسلام آباد کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

لاهور: هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي کي عدالتي حڪم جي باوجود پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف ڪمشنر اسلام آباد کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا پرويز الاهي جي بازيابي لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، عدالتي حڪم جي باوجود اڄ به پرويز الاهي کي پيش نه ڪيو ويو جنهن تي جسٽس مرزا وقاص رئوف ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ڪيئن نظر انداز ڪيو ويو عدالت پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم جي باجود اسلام آباد پوليس پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کان پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم موجود آهي ان تي اوهان جو ڪهڙو موقف آهي. عدالتي حڪم صاف هو پر ان باوجود چوڌري پرويز الاهي کي گرفتار ڪري اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته پمز اسپتال ۾ پرويز الاهي کي وٺي وياسين سيڪيورٽي سبب پوليس لائين ۾ رکيو هتي آڻڻ مشڪل آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پڇيو ته هتان کان کڻي ويندي ڪا مشڪل نه هئي. پرويز الاهي کي پيش ڪرڻ ڪنهن جي انا جو مسئلو نه هجڻ گهرجي عدالت چيو ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي لاڳاپيل آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. توهين عدالت جي ڪارروائي اهڙن آفيسرن خلاف ڌار کان جاري رهندي. عدالت چيو ته چيف ڪمشنر اسلام آباد هن عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي. چيف ڪمشنر اسلام آباد کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو وڃي. آفيسر 7 ڏينهن ۾ پنهنجو جواب داخل ڪرائين عدالت ايڊيشل ايڊووڪيٽ جنرل غلام سرور کي مداخلت کان روڪيندي آفيسرن جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.