ڪنڌڪوٽ : ضلعي ڪشمور ۾ ڌاڙيلن خلاف ۽ سمورن مغوي جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي جي گولا موڙ وٽ ڌرڻو سوين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون مغوين جي بازيابي ۽ ڦرلٽ خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ عبدالغني بجاراڻي، فدا حسين محمداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڌرڻي واري ھنڌ پھتو ، مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته . مغوي بڻيل سمورن مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رهندو، ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي ايس ايس پي ڌرڻو واري ھنڌ کان واپس موٽيو