سينيٽ جي تاريخ ۾ منفرد واقعو پيش آيو سينيٽ ۾ پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين پنهنجي ريڪيوزيشن تان دستبردار ٿي ويا، دستاويزن موجب سينيٽ جو اجلاس گهرائڻ جي ريڪيوزيشن ۾ 6 سينيٽرن جا دستخط جعلي قرار ڏنا ويا، پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين جي 27 سينيٽرن ريڪيوزيشن تي صحيحون ڪيون، جن مان 27 سينيٽرن به صحيحون ڪيون. ان حوالي سان نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي جي 6 ۽ نيشنل پارٽي جي محمد اڪرم جا دستخط جعلي قرار ڏنا ويا. رضارباني، فاروق نائيڪ، پلوشا، روبينا خالد، شميم اختر جا دستخط معطل ڪيا ويا. 27 مان 9 سينيٽرن جي غير حاضري سبب ريڪيوزيشن گهربل انگ تي پورو نه لهي، ان ڪري ريڪيوزيشن تي سينيٽ جو اجلاس نه ٿو گهرائي سگهجي