سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي

اسلام آباد: سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، مهم دوران چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي به اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، سيڪريٽري پاور ڊويزن موجب بجلي چورن خلاف ڪارروائي آسان ڪم ناهي. پاور ڊويزن طرفان بجلي چوري روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، بجلي چورن خلاف فيلڊ فارميشنز کي سخت ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.