ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال شاهراهه قائد جي ڏکوئيندڙ واقعي تي تبصرو ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته پاڙيسري ملڪ چنڊ تي چڙهي ويو آهي پر ڪراچي جا ٻار گندگي ۾ وهڻ ڪري مري رهيا آهن تفصيل موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪي ماڻهو نئين تڪ بندين کانسواءِ چونڊون چاهين ٿا انهن کي شرم اچڻ گهرجي، ايم ڪيو ايم پاڪستان فوري چونڊن جي حق ۾ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته تڪ بندين جو عمل تيز ڪيو وڃي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ ۾ چونڊون… پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ هر ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجا ڪارڪن ڀرتي ڪيا آهن، هن شهر جي صورتحال کي پاڙيسري ملڪ سان ڀيٽ ڪندي چيو ته سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر ۾ مين هول جا ڍڪ به ناهن، هڪ پاسي خبر آهي ته پاڙيسري ملڪ چنڊ تي چڙهي ويو آهي، هڪ اسڪرين تي خبر آهي ته ٻار گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، مصطفيٰ ڪمال چيو ته 73 لک ماڻهن جي ڳڻپ کانسواءِ آدمشماري مڪمل ڪرڻ جو پلان هو، ان تي الزام هڻڻ گهرجي. چونڊن ۾ دير ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي نوٽيس ڏنو وڃي، اسان جو مطالبو آهي ته نئين تڪبندين کان پوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، هنن چيو ته هن شهر جو پاڻي چوري ڪري اسان کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، ايس بي سي، اي ۽ ڪي ڊي اي جو نظام جوڙيو وڃي. ٽوڙيو وڃي، هنن سياسي حڪومتن پنهنجو نظام ٺاهيو آهي، دهشتگردي کانپوءِ سڀ کان وڏو نقصان بجلي چوري جو ٿيو آهي، جيڪو به بجلي چوري ڪري رهيو آهي ان کي پڪڙي نه پيو وڃي.