عدالتي حڪم جي باوجود پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاري تي آءِ جي اسلام آباد خلاف توهين عدالت ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم جي باوجود شيرين مزاري جي گرفتاري تي آءِ جي اسلام آباد ناصر خان خلاف توهين عدالت ڪيس 20 سيپٽمبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي هن ڪيس ۾ آءِ جي اسلام آباد غير مشروط معافي نامو جمع ڪرائي چڪو آهي. آءِ جي جي معافي منظور ٿيندي يا ڪارروائي اڳيان وڌندي؟ ان جو فيصلو ايندڙ ٻڌڻي تي ٿيندو. اسلا م آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب آءِ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو ياد رهي ته عدالت شيرين مزاري کي گرفتار ڪرڻ تي آءِ جي اسلام آباد تي 25 هزار روپيه ڏنڊ هڻندي ڏنڊ جي رقم شيرين مزاري کي ڏيڻ جو چيو هو جنهن کان پوءِ آءِ جي طرفان شيرين مزاري کي عدالت طرفان لڳايل ڏنڊ ادا ڪيو ويو هو.