اسلام آباد: تحريڪ انصاف کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت لاءِ اين او سي ملي سگهندي يا نه’ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا آهن ته مناسب حڪم جاري ڪنداسين ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جيڪو به هنڌ ڏنو ويندو ان جي حوالي سان يقين ڏياريو وڃي ته امن امان برقرار رکيو ويندو. ڪنهن کي ان جي ذميواري وٺڻي پوندي ائين نه ٿئي ته چيو وڃي ته لاهور يا ڪراچي وارن ائين ڪيو. عدالت ضلعي انتظاميه جي اعليٰ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
جسٽس عامر فاروق تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جو وڪيل بابر اعواڻ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق جي پڇاڻي تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته شايد انتظاميه جا ماڻهو آيا آهن
جسٽس عامر فاروق ڇنڊ پٽيندي چيو ته هي ڪا سول ڪورٽ آهي؟ هي هاءِ ڪورٽ آهي پيش ٿيو. عدالت صلعي انتظاميه کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو. جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر پيش ٿي ويو. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بيرسٽر جهانگير جدون 25 مئي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ عمران خان جو سپريم ڪورٽ ۾ جواب پڙهي ٻڌايو.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته جلسن جي اجازت بابت طريقو هي آهي ته پارٽي جي اجازت سان ئي يقين ڏياريو ويندو آهي. هنن جيڪا ريلي ڪڍي هئي ان سان نقصان ٿيو هو، پوليس وارا زخمي ٿيا هئا. هنن اڳ ۾ جنهن جڳهه جي اجازت گهري هن ڀيري به ساڳئي جڳهه جي اجازت گهري رهيا آهن.هنن هميشه ٽرمز اينڊ ڪنديشن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. اسان هنن تي ڀروسو نٿا ڪري سگهون بابر اعواڻ چيو ته هنن اڌ شهر ريڊ زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڏسي وٺو جڳهه جتي به هجي جيڪڏهن اتي ڀڃڪڙي ٿي ته ذميوار ڪير هوندو؟ سپريم ڪورٽ جو هڪ آرڊر به آهي. اتي توهين عدالت ڪيس هلي رهيو آهي. خيال رکو روڊ بلاڪ نه ٿين ۽ نه ئي ماڻهو پريشان ٿيناحتجا ج اوهان جو حق آهي پر شهرين جي حقن جو به خيال رکڻو پوندو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو
