67

سڊني:ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ اڄ پاڪستان ڏکڻ آفريقا سان مهاڏو اٽڪائيندو

سڊني: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ اڄ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ اهم ترين ميچ کيڏيو ويندو. اڄوڪو ميچ ٻنهي ٽيمن جي لاءِ ڪوارٽر فائنل جي حيثيت رکي ٿو ڏکڻ آفريقا جيڪڏهن پاڪستان کي ميچ ۾ شڪست ڏني ته هو سڌو سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو. جيڪڏهن پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏني ته ان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان آخري ميچ تائين برقرار رهندا ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي جي تاريخ ۾ هينئر تائين پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون 3 ڀيرا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيون آهن پر ٽنهي دفعا پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏني آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو