ملڪ : ۾ سون جو في تولو وڌيڪ سستو ٿي ويو آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ سون 2600 رپيا سستو ٿيو، جنهن بعد في تولو 2 لک 9 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 2 هزار 229 رپين گهٽتائي کانپوءِ 1 لک 79 هزار 527 رپيا آهي هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 7 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ في اونس 1926 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
