92

ڪراچي ۾ عمران خان تي قاتلاڻو حملي خلاف مختلف هنڌن تي مظاهرا

ڪراچي: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي کانپوءِ ڪراچي ۾ احتجاج شروع ڪري ڇڏيا آهن.
گوجرانوالا ۾ پيش آيل واقعي خلاف تحريڪ انصاف طرفان ڪراچي ۾ 8 جاين تي ڌرڻا ۽ احتجاج شروع ڪيو ويو آهي.
اطلاعن موجب شاهراهه فيصل تي نرسري وٽ احتجاج ڪيو پيو وڇي، جڏهن ته حب ريور روڊ تي شنواري هوٽل ڀرسان احتجاج جاري آهي هوڏانهن مواڇ ڳوٺ ۾ ڊبا موڙ ڀرسان ناردرن باءِ پاس کي بند ڪيو ويو آهي، نارٿ ناظم آباد ۾ فائيو اسٽار چورنگي تي احتجاج ڪيو پيو وڃي شاهه فيصل ڪالوني کان ڪورنگي ويندڙ روڊ تي باغ ڪورنگي ڀرسان احتجاج جاري آهي، نيشنل هاءِ وي تي منزل پمپ ڀرسان احتجاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته قائدآباد ۾ مرغي خاني ڀرسان پي ٽي آءِ جو احتجاج جاري آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو