ٺڪراٺو : ويجھو مدرسي جو طالب 40 ڏينهن کان گم وارثن کي اغوا جو شڪ ڳولا ۾ مدد لا۽ احتجاج نينگر واپس ڪرائي ڏياريو وڃي مطالبو

ٺڪراٺو : ويجھو ڳوٺ ايوب اعواڻ واسي 12 ورھين جو طالب نينگر صابر علي پٽ گاجي خان بليدي 40 ڏينھن کان گم آھي جيڪو ھن مھل تائين ھٿ نه اچي سگھيو وارثن پاران نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪندي نينگر جي اغوا جو شڪ پڻ ظاھر ڪيو ويو انھي سلسلي ۾ وارثن گاجي خان عبدالمجيد مائي حاجران خاتون بليدي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته اسانجو نينگر صابر علي ڍنڍي مدرسي ۾ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪندو ھيو جتان ھو گم ٿي ويو آھي جنھن کي ھڪ مھينو 10 ڏينھن ٿي ويا آھن پر نينگر گھڻي ڳولا ڪرڻ بعد به ھٿ نه اچي سگھيو آھي اسان کي شڪ آھي ته کيس ڪنھن اغوا ڪيو آھي احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو آھي ته نينگر جي گمشدگي بابت سنڱرار ٿاڻي تي اطلاع پڻ ڏنو آھي ۽ مدرسي جي انتظاميا کي پڻ ڄاڻ آھي پر ان باوجود نينگر جي ڳولا ۾ ڪوبه اسانجي مدد ڪرڻ لا۽ تيار ناھي احتجاج ڪندڙن آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني دور ڪئي وڃي.