ٽنڊي آدم ۾ 3 ڏينهن اڳ ۾ قتل ٿيل افضل لنڊ واقعي جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي سندس سئوٽ محمد بخش لنڊ جي فرياد تي ٽن اڻڄاتل جوابدارن تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته اسان سئوٽ سان هالا ۾ ملاقات ڪئي جتي افضل لنڊ ٻڌايو ته ڪسٽمر لون وٺڻ لاءِ ٽنڊوآدم گهرايو آهي، آئون هلان ٿو توهان به اتي اچو. اسان جڏهن ٽنڊوآدم جي ڀٽائي نگر پهتاسين ته موٽرسائيڪل تي سوار 3 ماڻهو آيا جن مان 2 ڄڻا لهي آيا ۽ انهن هڪل ڪري افضل کي گوليون هڻي واپس موٽرسائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿي ويا جن کي ڏسنداسين ته سڃاڻنداسين ذريعن موجب پوليس مقتول جي دوست بهرام لغاري کي حراست ۾ وٺي کيس جاچ ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ان کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي افضل لنڊ جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر طاهر پاران پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مقتول افضل لنڊ کي 8 گوليون لڳل آهن، جنهن سان سندس موت واقع ٿيو آهي. مقتول افضل لنڊ جو پيرسن والد عبدالنبي لنڊ، امڙ ۽ مائٽ خيرپورناٿن شاھ کان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي وڪيل ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ضلعي سانگهڙ جي صدر الطاف حسين جوڻيجو سان گڏ سٽي ٿاڻي تي پهتا سندن پهچڻ تي مختلف سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن انعام سنڌي، سرورابڙو، ڪامريڊ محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، امداد چانڊيو، ساگرڏهراج، گل حسن لاکو، الهداد مري سميت شهرين جو وڏو انگ پهتو جتي ساڻن ٻڌي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي مقتول جي والد عبدالنبي لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽنڊوآدم پوليس پاران جاچ ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي، پوليس پاران هيل تائين ڪيل جاچ مان مطمئن ناهيون، قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏني وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان سان انصاف نه ٿيو ته مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪري ڌرڻا هڻنداسين.