کاڻوٺ ڀرسان مسافر وين ۽ رولر مشين ۾ ٽڪر، 7 ڄڻا سخت زخمي

کاڻوٺ ڀرسان ڳوٺ انب کوسو وٽ انڊس ھاءِ وي تي دادو کان ڄامشورو ڏانهن ويندڙ مسافر وين روڊ جو ڪم ڪندڙ رولر مشين سان ٽڪرائجي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ 7 مسافر سخت زخمي ٿي پيا وڊ حادثو ٿيندي ئي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن پھچي وين ۾ ڦاٿل زخمي مسافرن کي وين مان ٻاھر ڪڍيو، جنهن بعد موٽروي پوليس ۽ کاڻوٺ پوليس طرت نه پھچڻ تي مسافر روڊ ڀرسان ڪيتري ئي وقت تائين تڙپندا رهيا جنهن کانپوءِ کاڻوٺ پوليس واقعي واري جاءِ تي پھچي زخمين کي پوليس موبائيل ۾ وجهي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو. جتي زخمين کي طبعي امداد ڏني پئي وڃي جڏهن ته زخمين ۾ وين ڊرائيور سميت ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.